سڪندر آفتاب خضر

سڪندر آفتاب خضر

سڪندر آفتاب خضر

سڪندر آفتاب خضر: نئين ٽهيءَ جي شاعر ۽ چترڪار، سڪندر آفتاب خضر ولد قاضي خضر حيات، 18 ڊسمبر 1975ع تي، رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعلق هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي. سڪندر آفتاب ابتدائي تعليم نوابشاهه ۾ ورتي. بعد ۾ هن بي. اي سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هو گورنمينٽ هاءِ اسڪول سڪرنڊ ۾ آرٽ ٽيچر مقرر ٿيو ۽ هن وقت هُو نوابشاهه ۾ آرٽ جي استاد طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. هن شاعريءَ جي شروعات 1987ع کان ڪئي، شاعريءَ ۾ سندس چاچي قاضي مقصود گل سندس رهنمائي ڪئي. بعد ۾ مختلف وقتن تي نامياري شاعر عبدالحڪيم ارشد کان رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. ’پريتم قاضي‘ جي قلمي نالي سان لکندو رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’احساسن جا عڪس‘ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه سندس ترتيب ڏنل هڪ مجموعو ’آجپي جي گيت جهڙي شاعري‘ پڻ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي استاد، برک شاعر عبدالحڪيم ارشد جي شاعري ترتيب ڏني آهي. سندس شاعري انور حسين وسطڙو، غلام شبير سمو ۽ ٻيا فنڪار ڳائي چڪا آهن.


لفظ سڪندر آفتاب خضرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.12.18  عيسوي

سڪندر آفتاب خضر ولد قاضي خضر حيات، 18 ڊسمبر 1975ع تي، رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سعادت حسن منٽو
سيدي علي رئيس
دريا خان شنباڻي
تغلق غياث الدين بلبن
جتوئي محراب خان
اگهم راجا
تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي
پارو شاهه
شوڪت سنڌي
شيرين عبادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون